اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) منشيات جي خات??ي واري وفاقي وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان ان ??چن کي ورجائيندا آهيون ته اسان ??اڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين. اڄ جي ڏينهن نظريي پاڪستان جو باقاعده طور تي سنگ بنياد رکيو ويو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي آئون قائداعظم محمد علي جن??ح ۽ سمورن انهن اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ??و جيڪي پاڪستان جي قيام جي سفر ۾ حصو هئا.