اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جي ڪرائي جي ??رجمانن کي عيد تي به موڪل نه ملي، اڄ به توهين عدالت جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيا آهن، توهين عدالت جو لفظ توهان جي واتان سٺو نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ تي حملو، پاناما فيصلي تي مون کي ڇو ڪڍيو جي ??حريڪ هلائي وئي، ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهو چيو ويو ته ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين تي زمين تنگ ڪ??ي ڇڏينداسين. مريم اورنگزيب جي ??يان تي پنهنجي ??دعمل ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علاج جي لاءِ ضمانت ڏني هئي، اها ئي عدالت هاڻي طلب ڪري رهي آهي، ڇا عدالت جو حڪم نه مڃڻ توهين عدالت نه آهي، نيب آزاد ادارو آهي، ان جو ڪم احتساب ڪرڻ آهي، نيب شهباز شريف جي ??لاف 7 ارب جو ريفرنس داخل ڪيو، نيب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو، ڪابينا جي ??يلي ڪميٽي جون به سفارشون آهن، قانون موجب فيصلو ٿيندو. هن چيو ته 40 سالن کان شريف فيملي ڪرپشن، ڦرلٽ، مني لانڊرنگ ۽ ٽي ٽيز جو سهارو وٺندي رهي، هاڻي اها کليل ڇوٽ ختم، ڦريل پئسي جو حساب ڏيڻو پوندو.