اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي مختلف ضلعن ۾ جاري سياحتي سرگرمين ۽ ??ين??ڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي س??ول?? فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن کا?? تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين س??ول??ون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان کا??سواءِ سياحت جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي به بر??فن?? ڏني. وزيراعظم عمران خان سياحت جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياحت جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته سياحت جي فروغ سان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.