فيصل آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته ??ي ڊي ايم پاران اجلاسن تي اجلاس ۽ احتجاج جون ڌمڪيون اسان کي ڊيڄاري نه ٿيون سگهن ڇو ته ??ي ڊي ايم سياسي يتيمن جو ٽولو آهي، اسان ان جي بيلڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي اين آر او ڏنو ويندو، مخالف ڌر کي گهرجي ته اها بنا مقصد احتجاج ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ بدران پارليامينٽ ۾ اچي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ته جيئن حقيقي جمهوريت جا ثمر عوام تائين پهچائي سگهجن. نور فاطمه هائوس امين ٽائون فيصل آباد ۾ بلين ٽري پراجيڪٽ جي حوالي سان تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن ??يو ته ??خالف ڌر بنا ڏسڻ ۽ بنا سوچڻ سمجهڻ جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي مخالفت ڪري رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته ??اضي وانگر ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ڪري، بيلٽ پيپر ۽ بيلٽ باڪس چورائي ۽ بعد ۾ پاڻ بيلٽ پيپرز تي ٺپا هڻي بيلٽ باڪس ڀري ڇڏي ۽ ڌونئس ڌانڌلي جي ذريعي پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل ڪري پر هاڻي ائين نه ٿيندو. هن ??يو ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪي اوورسيز پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ مان ساليانو 30 ارب ڊالر جي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلي رهيا آهن اسان انهن کي ڪهڙي طرح ووٽ جي حق کان محروم ڪري سگهون ٿا. هن ??يو ته اصل ۾ مخالف ڌر جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت جو هڪ مقصد پنهنجي سياسي آقائن کي اين آر او ۽ احتساب کان بچائڻ آهي پر اسان پڇون ٿا ته ڇا اسان انهن کي ??يو هو ته اهي مني لانڊرنگ ڪن، جعلي ٽي ٽيز ٺاهين ۽ بوگس اڪائونٽس ٺاهي ملڪ جا اربين رپيا ڦري انهن ۾ ٽرانسفر ڪن تنهن ڪري جيڪڏهن انهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي ته انهن کي ان جو حساب ڏيڻو ۽ احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو. هن ??يو ته انهن ??يو ته ??يب هڪ خودمختيار ادارو آهي ان لاءِ جن تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ اهي پاڻ کي بيگناهه سمجهن ٿا اهي پنهنجي بيگناهي عدالتن ۾ ثابت ڪن. هن ??يو ته ??ي ڊي ايم جي نالي تي سياسي بيروزگارن جي ٽولي جا پنهنجا مسئلا آهن جن جي لاءِ اهي هٿ پير هڻي رهيا آهن پر انهن کي ملڪي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏني ويندي. فرخ حبيب ??يو ته جيڪڏهن مخالف ڌر پارلياماني سڌارن جو حصو بڻجڻ ۽ ايندڙ چونڊن کي هر حال ۾ شفاف ڏسڻ چاهي ٿي ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين. هن ??يو ته ??خالف ڌر ٺپا مافيا جو حصو ۽ دٻا کڻڻ، بيلٽ پيپر چورائڻ وارن جو گروهه آهي، جيڪي بيلٽ باڪس، بيلٽ پيپر چوري ڪندڙ نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا پر هاڻي عوام ان کي قبول نه ڪندي. هن ??يو ته عمران خان هر جڳهه نيوٽرل امپائر جو حامي آهي جنهن اڳ ۾ ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل امپائر کي متعارف ڪرايو ۽ هاڻي چونڊن ۾ نيوٽرل امپائر آڻي رهيو آهي ته جيئن سڀني کي ووٽ جو حق ملي. هن ??يو ته ??خالف ڌر جي لاءِ فيس سيونگ جو هڪ ئي طريقو آهي ته اها ايوان ۾ اچي ۽ پارليامينٽ ۾ ويهي ڳالهه ڪري. هن ??يو ته جيڪڏهن مخالف ڌر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ ڪا بهتري آڻڻ چاهي ٿي ته ان تي راءِ ڏي پر هڪ ڀيرو مشين جي ورڪنگ ضرور چيڪ ڪري. هن ??يو ته حڪومت خطي ۾ امن جي خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿي ته ??اڙيسري ملڪ افغانستان ۾ اهڙي متفقه حڪومت بڻجي جيڪا سڀني جي لاءِ قابل قبول ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هجي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ سڪون جي فضا بحال ٿي سگهي جيڪو سڀني جي فائدي ۾ آهي ڇو ته ??اڪستان دهشتگردي جي خلاف 80 هزار قيمتي جانين جو نذرانو ڏنو، 60 ارب ڊالر جي اڪانومي جو نقصان ڪيو، 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني جن مان 30 لک افغان پناهگير اڃا به پاڪستان ۾ موجود آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??يو ته ??اڪستان افغانستان ۾ امن جي ڪوششن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو ??هي. هن ??يو ته ??ودي افغانستان ۾ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي پر هن دهشتگردي جو ٻج پوکيو ۽ امن جي ڪوششن کي سبوتاز ڪيو پر ان وٽ افغانستان مان ڀڄڻ کانسواءِ ڪو رستو نه بچيو. هن ??يو ته ??اڪستان ۾ هر طرح سان امن بحال ٿي چڪو آهي ۽ عالمي ڪرڪيٽ به ٻيهر فروغ وٺي رهي آهي ان لاءِ هو پي سي بي سان ڳالهه ڪندو ته اها پي ايس ايل سميت ٻيون انٽرنيشنل مئچز فيصل آباد ۾ منعقد ڪرائي ته جيئن فيصل آباد کي به انهن جي ميزباني جو شرف حاصل ٿي سگهي. هن ??يو ته حڪومت ڪلين اينڊ ??ري?? پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهي آهي ڇو ته ??وسمياتي تبديليون ۽ ماحولياتي تبديليون سڄي دنيا جي وانگر پاڪستان کي به بري طرح متاثر ڪري رهيون آهن ان لاءِ جيئن ته ??ڌندڙ آبادي جي تناسب سان انسانن کي ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن ۽ صاف شفاف فضا جي ضرورت آهي ان لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي انهي لاءِ عمران خان پاڻ ٽين بلين ٽري سونامي مهم جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ جو سلسلو تيزي سان جاري ??هي. جڏهن ته ان مهم دوران خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا ويا آهن ۽ گذريل ڏينهن رڳو گوجرانوالا ۾ اسڪولن جي ٻارن هڪ ئي وقت 50 هزار ٻوٽا لڳائي نئون رڪارڊ قائم ڪيو ??هي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا عمران خان جي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪوششن کي تحسين جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي بخشڻ به هڪ اعزاز ??هي. فرخ حبيب ??يو آهي ته ڪلين اينڊ ??ري?? سونامي جي لاءِ حڪومتي قدم ڏسي ماڻهو وڌي چڙهي ان طرف راغب ٿي رهيا آهن ۽ هر جڳهه تي وڻڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻي پي ايڇ اي ۽ ويست مئنيجمينٽ ڪمپني سميت ٻين کاتن کي به ان ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته ??اڪستان گلوبل وارمنگ جي خلاف قدم کڻندڙ ملڪن جي صف اول جي فهرست ۾ شامل آهي ۽ ان جو سبب موسمياتي تبديلين جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جو عوامي شعور اجاگر ڪرڻ آهي ڇو ته ??ن سدائين وڻڪاري تي زور ڏنو ??هي. هن ??يو ته اسان کي شهرن جي توسيع ڪندي ??ري?? ايرياز کي محفوظ رکڻو پوندو ڇو ته انهي ۾ ملڪ جي بقاءَ جو راز ??هي. هن ??يو ته ??احوليات جي عالمي ڏينهن جي تقريب جي ميزباني ملڻ سان پاڪستان جو اميج بهتر ٿيو ??هي. هن ??يو ته عالمي معيار موجب زمين جو گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو ٻيلن تي ٻڌل هجڻ گهرجي تنهن ڪري اسان جي ذميواري آهي ته اسان گلوبل وارمنگ ۽ ڪلائميٽ چينج جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ نه رڳو ٻيلن جي زمين ۾ اضافو پر نوان ٻيلا لڳائڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪالونيز وارو صوبائي وزير ميان خيال ڪاسترو، ايم پي اي اجمل چيما، ميان اجمل فاروق ڊائريڪٽر نور فاطمه گ??وپ، خرم مختار، ميان جاويد ستاره گ??وپ، سي اي او نور فاطمه گ??وپ حاجي محمد سليم ميان آفتاب، شيخ شاهد جاويد، وحيد خالق رامي ۽ ٻيون صنعتي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ موجود هيون. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مهمانن سان گڏ نور فاطمه هائوس ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا پڻ لڳايا.