اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان انصاف، انسانيت ۽ خودداري کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي پاليسين جو محور قرار ڏيندي چيو آهي ته سڀئي وڏا اقتصادي انگ اکر مثبت رجحانن جو اشارو آهن، ڪووڊ جي باوجود قومي معيشت کي درست پٽڙي تي گامزن ڪيو ويو آهي، ٽن سالن ۾ غير ملڪي پرڏيهي ذخيرا، ٽيڪس جي وصولي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائ?? آئي آهي، ڪورونا وبا ۾ اسان جي بهتر حڪمت عملي کي دنيا تسليم ڪيو آهي، جيڪڏهن غلط فيصلا ڪري ڇڏيون ها ته ماڻهو بک مري وڃن ها، احساس پروگرام تحت شفاف طريقي سان ضرورتمند خاندانن ۾ رقم ورهائي وئي آهي، 10 سالن ۾ 10 ڊيم ٺاهينداسين، 40 لک غريب خاندانن کي بنا وياج جي قرض، فني تربيت ۽ صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ??ين??ا، ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول ۾ بهتر?? آئي آهي، ڪاروبار ۾ آسانين جي حوالي سان درجا بندي ۾ به بهتر?? آئي آهي، تعليم جي شعبي ۾ هڪجهڙو نصاب جاري ڪيو ويو آهي، اٺين، نائين ۽ ڏهين جي ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ جو ڪورس شامل ڪيو ??ين??و، ماضي جي حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍ?? ويا هئا، آئنده پنهنجي ماڻهن کي ڪنهن ٻي جي لاءِ قربان نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ پاڪستان ڪنهن جي لاءِ استعمال نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ٿيندڙ خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چ??و ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، ۽ پاڪستان جي اڪثريتي آبادي جي عمر 30 سال کان مٿي آهي، نوجوانن لاءِ اهو پيغام آهي ته اسان هر نماز ۾ الله تعاليٰ کان سڌي رستي تي هلڻ جي دعا گهرندا آهيون، سڌو رستو اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ ڏيکاريو ۽ حضور ﷺ جي ٻڌايل ۽ سيکاريل رستو آهي، اسان کي ان جي زندگي مان سکڻ جو حڪم مليو آهي، نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ ان شيءَ کي سمجهڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ان سان اسان جي عظمت ۾ اضافو ٿيندو، وزيراعظم چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊگهي سياسي جدوجهد آهي ۽ ان جدوجهد دوران هڪ وقت اهڙو به آ??و ته اسان سان گڏ پنج کان 6 سرگرم ماڻهو ئي رهج?? ويا هئا، ماڻهن ۽ تنظيمن تي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، پر زندگي مان سک??و ته ڪڏهن به خراب وقت کان ڊڄڻ يا گهٻرائڻ نه گهرجي، ڪرڪيٽ جي ڪري به ڪجهه ماڻهو مخالف ٿ?? ويا هئا، هر ڪامياب انسان سان ان جي ڀرپاسي جا ماڻهو حسد ڪندا آهن، راند انسان کي مسلسل جدوجهد ۽ هار ۽ جيت کي منهن ڏيڻ سيکاريندي آهي، حق تي هلڻ وارن کي سدائين مشڪلاتون درپي?? رهنديون آهن، آئون پنهنجي زندگي ۾ هر غلطي ۽ هر هار کان سکي اڳتي وڌيس، مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ کانسواءِ ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، هن چ??و ته جڏهن وزارت عظميٰ جو منصب سڀنال??و ته ان وقت به اهو ذهن ۾ آ??و ته ڪٿي مشڪلاتن جو منهن نه ڏسڻو پوي پر پوءِ سوچ??و ته گهٻرائڻو نه آهي، مشڪل وقت کي جيڪڏهن صحيح طريقي سان سمجهيو وڃي ته اهو ئي عروج جو رستو بڻجي ??ين??و آهي. ڪرڪيٽ ۾ مون کان وڌيڪ ٽئلينٽ وارا رانديگر به موجود هئا، پر آئون پنهنجي غلطين جو سڌارو ۽ تجزيو ڪندو هئس ته ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿي ??ين??ي هئي، پرچي پڪڙي ڪري اڳواڻ نٿو بڻجي سگهجي، نه ئي شارٽ ڪٽ سان ڪڏهن ڪو اڳواڻ بڻيو آهي، قائداعظم پنهنجي زندگي ۾ جدوجهد ڪئي ۽ سندس جدوجهد پنهنجي ذات لاءِ نه پر وڏي مقصد لاءِ هئي، پاڪستان جيستائين رهندو قوم قائداعظم لاءِ دعا ڪندي رهندي.