اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ع??اق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، ع??اق پاڪستا?? جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ع??اق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ع??اق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پارلياماني ۽ اقتصادي رابط?? جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته گڏيل واپار جو موجوده ماپو ٻنهي ملڪ?? جي صلاحيت جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، ٻنهي ملڪ?? جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ رابطن کي فروغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ع??اق پاڪستان مان چانور، جراحي اوزار، راندين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪري ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ع??اق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جو??يو پيو وڃي، زائرين ۽ ع??اق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي سهولت?? جي فراهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سان پنهنجي مسئلن تي ضابطو آندو، امت کي درپيش مسئل?? جي حل لاءِ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويجهو تعاون ضروري آهي، ان موقعي تي عراقي سفير حامد عباس لفته چيو ته ع??اق پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ هو ته ع??اق موجوده لاڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري رابط?? جي فروغ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.