اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي مختلف واقعن ?? شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 17 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ?? شهيد ٿيندڙ سيف الله خٽڪ جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. ٻئي طرف هن سپاهي محمد فهد ۽ تنوير احمد جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي هن سال 15 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ هڪ ڌماڪي ?? شهيد ٿي ويا هئا. اهي ٽيليفون صدر معمول جي ر??ايت تحت ڪيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر هن سال 4 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ?? شهيد ٿيندڙ سپاهي عامر اقبال جي گهرڀاتين کي پڻ ٽيليفون ڪئي. صدر سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي سيڪيورٽي جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.