اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زر??ي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زر??ي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي ??زي?? سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي زراعت واري صوبائي ??زي?? سيد حسين ج??ان??ان گرديزي ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گو??نر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت زراعت جي شعبي جي مڪل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زر??ي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زر??ي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت آبادگارن جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ??زي??اعظم گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرام کي ساراهيو. اجلاس ۾ ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته جي ڊي پي ۾ 19 سيڪڙو حصي سان گڏ زرعي شعبو تمام وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس جي لاءِ خام مال فراهم ڪري ٿو، مجموعي طور تي قومي معيشت ۾ زراعت جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايتڪئي ته اهي آبادگارن جي بنيادي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي فصل جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏين.