اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن خلاف انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي، ڀارت بي گناهه ماڻه?? جي خلاف دهشتگردي جو راڄ شروع ڪري رکيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انهن کي رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان ڪشميري?? جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انه?? جي حمايت جاري رکندو. صدر اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ايوان صدر ۾ ان سان ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته هندستا?? جي اصل چهري کي سڀني عالمي فورمز تي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن ۽ ٻين اقليتي گروه?? جي عدالت ک??ن مٿانهين قتل، تشدد ۽ قيد ۾ ملوث آهي، هن چيو ته اهو عالمي برادري جي ذميداري آهي ته هو ڀارت کي انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزي کان روڪي ۽ ڪشمير کي گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري?? جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انه?? جي حمايت جاري رکندو. صدر ان حقيقت تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارتي اقليتي گروه خاص طور تي مسلمان ۽ عيسائين تي ظلم ڪري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جو اقليتن سان غير انساني سلوڪ ۽ ا?? جي جارحاڻي انداز سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي، صدر پاڪستا?? جي ميزباني ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪانفرنس جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي انتهائي ڪامياب قرار ڏنو جنهن سان دنيا جو ڌيان افغانستا?? جي سنگين انساني ۽ معاشي صورتحال طرف ڇڪرايو، هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اها ڪانفرنس هڪ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ پاڪستا?? جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، صدر ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اها ڪانفرنس افغانستا?? جي عوام کي درپيش معاشي ۽ انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.