اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته سچ ڪيترو ڪڙو هوندو آهي، شريفن جا ذاتي ملازم پنهنجون نوڪريون پڪيون ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ۾ تڙپندي نظر اچي رهيا آهن. مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪن??ي هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي هڪ ٻي ڳا??هه انهن جي نن??ون اڏائي ڇڏيون آهن، ٻڌائين ته ڪرمنل کي ڪرمنل نه چئون ته ڇا چئون، ڪو ٻيو لفظ آهي ته اسان ??ان ??يئر ڪيو وڃي، هن چيو ته پورو شريف خاندان ??ياست ۾ لُوٽ مار ڪري لنڊن ?? مفرور آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ تي قانون پاڻ رستو پاڻ ٺاهي رهيو آهي، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيڻ وارو. هن چيو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪن??ڙ شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي ۾ 16 ارب ۽ 7.5 ارب جي ٽي ٽيز جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، مملڪتي وزير چيو ته شريف ڊاڪٽرائڻ اهو آهي ته جڏهن عدالتون خلاف فيصلو ڏين ته ان ??ي حملا آور ٿي وڃو. هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته سپريم ڪورٽ تي حملو ڪن??ڙ ڪير هئا، شريفن ڪرپشن جا نوان ??ڪارڊ قائم ڪري ڪرپشن کي لاڳو ڪري ورتو آهي، فرخ حبيب چيو ته 1985 کان ڪرپشن ڪن??ڙن جي خلاف پهريون ڀيرو احتساب ٿي رهيو آهي، انهي لاءِ انهن جون رات نن??ون ۽ ڏينهن جو سک اڏامي ويو آهي، هن چيو ته قطري خط يا جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪيلبري فونٽ هجي يا جعلي وڊيوز، نواز شريف ۽ انهن جي صاحبزادي سرٽيفائيڊ ڪوڙا ثابت ٿي چڪا آهن، فرخ حبيب چيو ته ٻڌايو وڃي ته مسرور انور ڪير آهي جيڪو 2008ع کان 2017ع تائين شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليندو رهيو آهي، مقصور پٽيوالو به هڪ ڪردار آهي جنهن جي اڪائونٽ ۾ وڏي ٽرانزيڪشن ٿيون آهن، فرخ حبيب چيو ته بيهودي زبان ??ستعمال ڪن??ڙن جي پرورش ۾ شائد ڪا کوٽ رهجي وئي آهي، غير اخلاقي زبان ??ستعمال ڪن??ڙن جي ڪا به حيثيت نه آهي، انهن کي حڪم مٿان کان ملندا آهن.