اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم سميت مختلف ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آ??اه?? ڪرڻ لاءِ ڪتاب پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي ح??الي سان تيار ڪيل پچ بڪ ۾ شع??اجاتي بنيادن تي تفصيل شامل ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حامل شع??ن ۽ حڪومت پاران انهن شع??ن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ تفصيل موجود آهن، پاڪستاني وفد جا ميمبر چين جي دوري جي موقعي تي اهو ڪتاب چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پيش ڪندا. ان ڪتاب جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ ڏيڻ آهي.