اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ني??زي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ ني??زي لينڊ جي هاءِ ڪمشنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا جي هاءِ ڪمشنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي سفير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي سفير ايررڪ اووسابوٽينگ صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان 220 ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اهم ملڪ آهي، هن ني??زي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان علائقائي واپار ۽ رابطن جي مرڪز جي طور تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? چاهي ٿو، هن سفيرن کي اهو به چيو ته هو پنهنجي ملڪن جي واپارين کي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏين، سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? لاءِ ڪوششون ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبن سميت پنهنجي زرعي شعبي جي ترقي کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ چاهي ٿو. هن دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر دوست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.