اسلام آ??اد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني نئي بات جي گروپ ا??ڊيٽر عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪندي چيو آهي ته عطاءُ الرحمان ٻن ڏهاڪن کان قومي اخبارن ۾ ???تجزيه“ جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ذريعي پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم نئي بات جي ايڊيٽر طور پڻ پنهنجون صحافتي ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.