اسلام آباد – 18 – اپ??يل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه محمد آصف چيو آه?? ته قوم کان نئين مينڊيٽ حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ اسان کي عام چونڊن طرف جلد کان جلد وڃڻو پوندو جنهن جو فيصلو اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي گڏجي ڪرڻ گه??جي، پارليامينٽ، عدليه، فوج، بيوروڪريسي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏجي ملڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گه??جي، اسان کي ٻاهر کان ڪو خطرو نه آه??، اسان کي اندران ئي خطرو آه??، بلوچستان جا ماڻهو اليڪشن جي ذريعي اهڙن نمائندن کي اڳتي آڻين جيڪي انهن جا مسئلا حل ڪري سگهن، اسان کي ناراض بلوچن کي سيني سان لڳائڻو پوندو ۽ انهن جي ناراضگي جا سبب ڄاڻڻا پوندا. خواجه آصف صدارتي خطاب تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته عمران خان جي چار سالا حڪومت جو دارومدار ڪوڙ تي هو. غيرملڪي تحفا وڪرو ڪندڙ پاڻ کي صادق ۽ امين چوي ٿو. اسرائيل ۽ ڀارت مان انهن کي فارن فنڊنگ ٿي. هن چيو ته سڄي سياسي قيادت کي گه??جي ته ان صورتحال جو ادراڪ ڪري. سينيئر صحافي حامد مير جي گه?? تي پي ٽي آءِ وارن حملو ڪيو. جيڪڏهن سچ ڳالهايئندڙن جو آواز بند ڪيو ويو ته اهو ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ٿيندو. ڪپتان پچ تي ليٽي پيو آه??. عمران خان جلسن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻ ج?? اعلان ڪيو آه?? اهو انهن جو حق آه??. اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي اهو فيصلو ڪرڻ گه??جي اسان کي جلد کان جلد چونڊن طرف وڃڻ گه??جي. ملڪ کي گه??و ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ ج?? ويجهو آه?? ماڻهو ٻن وقت جي ماني لاءِ ترسي رهيا آه?? جڏهن ته چيو پيو وڃي هي امپورٽيد حڪومت آه??. صدارتي خطاب تي بحث سهيڙي وڃي ته جيئن هي ايوان نارمل بزنس طرف اچي سگهي. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۽ بلوچستان جا معاملا 30، 40 سالن کان اسان جي سامهون آه??. اسان کي بلوچستان جا مسئلا ۽ اتي هلندڙ تحريڪن جا سبب ڳولڻا پوندا.