اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا پولي?? جي سب ان??پيڪٽر سحر گل جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهروارن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ٻارن کي اسڪول کان وٺڻ لاءِ ويندڙ والد جي شهادت تي افسوس آهي، وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ پوليس اهلڪارن تي وڌندڙ حملن تي ??ڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ??يان ڏي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد پوليس سب ان??پيڪٽر کي شهداءَ پيڪيج ڏنو وڃي، ٻارن جي تعليم ۽ گهروارن جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف، ان??نيئر امير مقام کي شهيد پوليس اهلڪار لاءِ مالي مدد کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.