اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، پيٽ جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ا??ارا خاص طور تي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون ڪ??ششون واکاڻ جوڳيون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي خاتمي واري وزير نوابزاده شاه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪئي وئي، ملاقات ۾ نوابزاده شاهه زين بگٽي وزيراع??م کي سومر ڏينهن تي ڊيره بگٽي ۾ پيٽ جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي ڪامياب ??پر??شن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ وزيراعظ?? جي انهن قدمن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي متاثر خاندانن جي فوري طور تي مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مقامي آبادي کي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان قدمن کي يقيني بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پيٽ جي وبا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ا??ارا خاص طور تي ڊاڪٽرز ۽ پيراميديڪل اسٽاف جون ڪ??ششون واکاڻ جوڳيون آهن.