اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اخ??اري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم اها هدايت آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب کانسواءِ وز??راعظم جو خاص معاون فهد حسين پڻ موجود هو. اي پي اين ايس جي صدر سرمد علي جي قيادت ۾ وفد ۾ سيڪريٽري جنرل ناز آفرين، سهگل لاکاڻي، سينيئر ص??اف?? مجيب الرحمان شامي، جميل اطهر، شهاب زبيري، محترمه رميزه نظامي، عمر مجيب شامي، امتنان شاهد، ممتاز طاهر، محسن بلال، اويس خوشنود، وسيم احمد، منير گيلاني ۽ همايون گوهر پڻ شامل هئا. وز??راعظم ان موقعي تي اخ??اري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ?? 30 ??ون تائين اڳوڻي حڪومت جون تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم پي ٽي آءِ دور جي اخ??ارن ۽ تشهيري ڪمپنين جون حڪومتي رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. وز??راعظم چيو ته هو سياسي انتقام ۾ يقين نه ٿو رکي ڇو ته ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وز??راعظم وفد کي خاطري ڪرائي ته مهانگائي جي تناسب س??ن تشهيري اگهه ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ اخ??اري صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳائينداسين ۽ اخ??اري صنعت کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اضافي ريليف پڻ فراهم ڪنداسين.