اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جو انتهائي ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميري?? جي حريت جي جذبي کي نه ٿو ٽوڙي سگهي، گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي، ڪشميرين، پاڪستان ۽ عالميبرادري 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حق?? جي سنگين خلاف ورزي?? جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ ان پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ عملي قدم کڻي. 5 آگسٽ 2022ع تي استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ان موقعي تي اسان ڪشميري?? جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انه?? جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي هر ??سم جي ڀارتي حربي ۽ انتهائي ظلم ۽ ڏاڍ جي آڏو ڪشميري?? جي هڪ ٻئي پٺيان ٽن نسلن بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قرارداد?? جي خلاف ورزي آهي جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي م??ضي موجب آزاد، غيرجانبداراڻي ۽ گڏيل قوم?? جي نگر??ني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو، ڀارت غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي رحم ڪاررواين، زمينن تي قبضي ۽ غيرڪشميري?? جي آبادڪاري جهڙن قدمن ان گڏيل قوم?? جي قراردادن ۽ عالمي قانونن، بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينش?? جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي رياستي دهشتگردي ۾ 650 کان وڌيڪ ماڻهن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته ڀارت پاران بيگناهه ڪشميري?? جي اظهار جي آزادي تي سخت پابنديون، جعلي مقابلا، گهيراءُ ۽ تلاشي جا آپريشن، حراستي تشدد ۽ موت، جبري گمشدگيون، سينيئر ڪشميري قيادت ۽ نوجوان?? جي قيدت کانسواءِ پيلٽ گنز جي استعمال سان خاص طور تي ڪشميري نوجوانن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، گهرن کي تباهه ڪرڻ، ساڙڻ، گڏيل سزا ۽ محڪوم جي ٻين طريقن تي عملدرآمد روزانو جو معمول آهي. انهن سڀني جي باوجود قابض فوج جو انتهائي ظلم ۽ ڏاڍ ڪشميري?? جي حريت جي جذبي کي نه ٽوڙي سگهيو. ڪشميرين، پاڪستان ۽ عالمي برادري ڀارتي قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کي سلامتي ڪائونسل ۾ ٽي ڀيرا اٿاريو ويو آهي. جنهن ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته هي هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي ۽ ان جو حل گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قرارداد?? جي لاڳو ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي جي لاءِ سنگين خطرا آهن. خطي جا 1.5 ارب کا وڌيڪ ماڻهو امن ۽ خوشحالي جي اها سحر ڏسڻ جا مستحق آهن جنهن کي ڀارت يرغمال بڻائي رکيو آهي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان سدائين وانگر ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندو، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حق?? جي سنگين خلاف ورزي?? جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ ان پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي.