اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ممنوعه فارن فنڊنگ ڪيس تي وفاقي ڪابينا انتقامي نه پر قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ??يصلي موجب ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ موڪلي ويندي، پي ٽي آءِ مني لانڊرنگ، فيڪ اڪائونٽس ذريعي ۽ خيرات جي ??الي تي پئسا گهرائي سياسي مقصدن جي ??اءِ استعمال ڪيا، پاڪستان تحريڪ انصاف فارن ايڊيڊ پارٽي ڊڪليئر ٿي آهي، ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪش ڪميشن پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت فيصلو ڏنو، حڪومت آئين ۽ قانون موجب ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي ??ابند آهي، ڪابينا اجلاس ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فو?? جي آفيسرن ۽ ٻوڏ سبب فو?? ٿيندڙن جي ??اءِ خصوصي دعا گهري وئي، بهترين حج انتظامن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور ۽ مذهبي معاملن واري وزارت کي سارا??يو ويو. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 8 سالن کان دير جو شڪار فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت ڏنو آهي. حڪومت اليڪشن ڪميشن جي ??يصلي موجب ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ جي ??ابند آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، 8 سالن کان ان ڪيس تي جاچ ٿي رهي هئي، 8 سالن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ان ڪيس ۾ 51 ڀيرا التوا حاصل ڪئي. هن چيو ته ان ڪيس جو پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ حڪومت جو ڪو به تعلق نه آهي، هي ڪيس اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ کڻي ويو هو. اليڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر جي درخواست تي پي ٽي آءِ کان ثبوت گهريا پر پي ٽي آءِ 8 سال گذرڻ باوجود جواب نه ڏنو، جنهن تي اسٽيٽ بئنڪ سمورو رڪارڊ اليڪش ڪميشن کي فراهم ڪيو. هن چيو ته قانون واري وزارت پاران ڪابينا کي ان ڪيس جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت حڪومت آئين ۽ قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي تي ڪارروائي ڪرڻ جي ??ابند آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته فيصلي ۾ واضح طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف فارن ايڊيڊ پارٽي ڊڪليئر ٿي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ 16 اڪائونٽس ڊڪليئر نه ڪيا، 26 اڪائونٽس مان پي ٽي آءِ رڳو 8 اڪائونٽس جي اونرشپ ورتي. هن چيو ته اهي سڀئي اڪائونٽس عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت جي ??الن تي کليا ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??لازمن جي ??الي تي پئسا ايندا رهيا ۽ ان فنڊنگ کي پي ٽي آءِ ڊڪليئر نه ڪيو. هن چيو ته ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ 51 ڀيرا التوا حاصل ڪيو، 9 وڪيل تبديل ڪيا، هاءِ ڪورٽن ۾ 11 ڀيرا اليڪشن ڪميشن جي دائره ڪار جي حوالي سان پٽيشنون داخل ڪيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب، برسٽل انجنيئرنگ، اي پلانٽ ٽرسٽيز، پي ٽي آءِ يو ايس اي، پي ٽي آءِ ڪئناڊا، ڀارتي نزاد آمريڪي عورت روميٽا شيٽي کان فنڊنگ حاصل ڪئي. هن چيو ته قانون واري وزارت عاشوري کانپوءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ سڀني قانوني ۽ آئيني معاملن جو جائزو وٺندي ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ لاءِ پيش ڪندي. هن چيو ته هي قانوني ۽ آئيني معاملو آهي، حڪومت پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002ع ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت اهڙي قسم جي ??يصلن تي ڪارروائي ڪرڻ جي ??ابند آهي. هن چيو ته عمران خان 5 ڀيرا اليڪشن ڪميشن ۾ بيان حلفي جمع ڪرايو ته پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع تحت پارٽي ڪا به ممنوعه فنڊنگ حاصل ناهي ڪئي ۽ هن پنهنجي حلفي بيان ۾ اهو به چيو ته اها معلومات کيس ڏني وئي آهي ۽ سندس ڄاڻ موجب اها درست آهي. عمران خان اهو بيان حلفي پنهنجي صحيح سان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ اهي سڀئي بيان حلفي جعلي ثابت ٿيا. اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته پي ٽي آءِ جن اڪائونٽس وسيلي پئسا وصول ڪيا اهي ڊڪليئر نه ڪيا. اطلاعات واري وزير چيو ته گهرو وزارت کي ان ڪيس ۾ قانون ۽ آئين موجب غيرجانبدراڻي انڪوائري جي ??دايت ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سڀني مالياتي ۽ تحقيقاتي ادارن سان گڏجي ??وري طور تي جاچ جي شروعات ڪري ۽ ان ڏوهه ۾ شامل سڀني ماڻهن خلاف انڪوائري جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جاچ ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ايف بي آر، ايف آءِ اي، مالياتي ۽ جاچ ادارا موجود هوندا. اليڪشن ڪميشن جي ??يصلي جي روشني ۾ جاچ ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي فيصلو ڪنهن ٻي سياسي پارٽي بابت اچي ها ته ۽ اهو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اچي ها ته هن وقت سڀ جا سڀ جيل ۾ هجن ها. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع تحت پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهي. ان ممنوعه فنڊنگ حاصل ڪئي، جنهن جي ??انون اجازت نه ٿو ڏي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ??الي تي پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪئي جيڪا غيرقانوني آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قانون واري وزارت ڊڪليئريشن جي حوالي سان قانوني ۽ آئيني معاملن تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني آهي. هن چيو ته پرڏيهي پاڪستانين عمران خان کي خيرات جا پئسا ڏنا جن کي هن هتي سياسي مقصدن جي ??اءِ استعمال ڪيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ترقياتي فنڊز ايم اين ايز جي ذاتي اڪائونٽس ۾ نه ٿا وڃن، ترقياتي فنڊز پي ايس ڊي پي تحت جاري ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي ??انيٽرنگ جو مڪمل نظام موجود آهي. حج جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حج تمام وڏو ايونٽ هوندو آهي، ان جي انتظامي معاملن ۾ ڪجهه ڪوتاهيون به ٿي سگهن ٿيون، ٻئي ملڪ ۾ وڃي ان فرض جي ادائيگي لاءِ انتظام ڪرڻا هوندا آهن، جنهن ۾ ڪجهه خاميون رهجي سگهن ٿيون ۽ جتي جتي خاميون نظر آيون آهن ان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ جواب طلب ڪيو آهي ته جيئن انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. مسجد نبوي صه جي ??اقعي تي سعودي حڪومت جي ??يصلي جي جواب ۾ هن چيو ته مسجد نبوي صه هڪ مقدس جاءِ آهي، اتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو افسوسناڪ واقعو آهي، ڪجهه ماڻهن ان مقدس جاءِ کي پنهنجي سياسي مقصدن جي ??اءِ استعمال ڪيو. سعودي حڪومت جي ان حوالي سان فيصلي جو اسان احترام ڪريون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ 351 ڪمپنين کان فنڊنگ ورتي جيڪا قانون جي ??ڪمل طور تي خلاف ورزي آهي. ان کان اڳ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي حوالي سان آگاهه ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فو?? جي آفيسرن ۽ ٻوڏ سبب فو?? ٿيندڙن جي ??اءِ خصوصي دعا گهري وئي. ڪابينا مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور ۽ مذهبي معاملن واري وزارت پاران حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي ان کي سارا??يو ويو. ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان ري انشورنس ڪمپني جي سي اي او جي ??قرري لاءِ ٽن ماڻهن تي ٻڌل پينل پيش ڪيو. ڪابينا فرمان الله کي چيف ايگزيڪيوٽو بڻائڻ جي ??نظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي جون تفصيلي رپورٽون پيش ڪيون ويون. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ سرگرمين جي ??زيراعظم پاڻ نگراني ڪري ر??يو آهي. وزيراعظم بلوچستان جو به دورو ڪيو ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ جتي جتي ڪوتاهيون نظر آيون اتي فو??ي ايڪشن ورتو ويو. هن چيو ته وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان جي ??وڏ متاثر علائقن جو به دورو ڪيو. انتظاميا کي هدايت ڪئي ته بحالي جي ڪمن کي فو??ي طور تي انجام ڏنو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم جي ??دايت تحت فو?? ٿيندڙن جي ??ونئيرن کي 10 لک رپين جي امداد جا چيڪ ڏنا ويا. ان کانسواءِ تباهه ٿيل گهرن جي تعمير لاءِ به 5 لک رپيا في خاندان ادائيگي ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪابينا ملڪ ۾ جاري ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو. اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ پاڪ فو?? جي بهترين ورڪنگ ريليشن شپ کي سارا??يو ويو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي، صوبائي حڪومتون ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان گڏجي ??وڏ سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ گڏيل سروي ڪئي وڃي. وزيراعظم ان موقعي تي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي ??يادت ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي ??نظوري ڏني، جنهن جو مقصد گڏيل سرويز تي غور ڪرڻ ۽ صوبن سان گڏجي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان منصوبابندي ڪرڻ آهي. ڪميٽي جي باقي ميمبرن جي ??الن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته بحالي، نئين سر تعمير ۽ فو?? ٿيندڙن جي ??ونئيرن کي فو??ي رقم جي ادائيگي جي ??دايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا اقتصادي معاملن واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڪستان ۾ موجود عالمي ڊونرز ايجنسين سان رابطو ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ??اءِ وسيلن جي ??راهمي جي حوالي سان ڳال??ائ??. هن چيو ته وزيراعظم اين ڊي ايم اي، اقتصادي معاملن وراي وزارت ۽ لاڳاپيل وفاقي ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪي اين جي اوز ۽ سرنديءَ وارن سان به رابطو ڪن ته جيئن بحالي وارن ڪمن کي تيز ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪابينا پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي حڪومتن جي ??چ ۾ فريم ورڪ ايگريمينٽ جي به منظوري ڏني. ان معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ معاشي لاڳاپن جي حوالي سان هڪ نئين باب جو اضافو ٿيندو، ان معاهدي جي ??ين فائدن ۾ واج کان پاڪ قرض، 35 سيڪڙو سبسڊي ۽ ڊينش ٽيڪنالاجي جي ??اڪستان منتقلي شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت وفاقي ڪابينا کي پائيدار ترقي جي ??روگرام تحت جاري ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي هدايت ڪئي ته اهي ترقياتي منصوبن جو نئين سر جائزو وٺن ۽ انهن تي عملدرآد جي ??اءِ وسيلن جي دستيابي جي حوالي سان ڪابينا کي آگاهه ڪن. وفاقي ڪابينا اقتصادي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ميان اسد حيات الدين جي ??ن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل قومي خدمتن کيس خراج تحسين پيش ڪيو.