دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان قطر انويسٽمين?? اٿارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي نئين شعبن جي ڳولا جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾و زيراعظم شهباز شريف سان قطر انويسٽمين?? اٿارٽي جي اجل??س جون تصويرون به شيئر ڪيون.