سکر – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو ورتو جڏهن ته کيس اڏام دوران امدادي سرگرمين ب??بت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن قمبر شدهادڪوٽ جي دوري جي لاءِ سکر پهتو جتي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو جنهن کانپ??ءِ وزيراعظم متاثر علائقن جو فضائي جائز?? وٺڻ جي لاءِ روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڏام دوران کيس ٻوڏ کان متاثر علائقن ??ي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين ب??بت بريفنگ ڏني.