اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??ضا??يه جي ڪي پي ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن لاءِ ڀرپور وسيلا وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ مسلسل ڪوششون جاري رکيون آهن. پاڪ ??ضا??يه اهڙن ڏ??رانهن علائقن ۾ راشن، دوائون ۽ ضرورت واريون شيون ڪيرائڻ لاءِ هيليڪاپٽر آپريشن ڪري رهي آهي، جتي زميني رابطا مڪمل طور ڪٽيل آهن، ٻوڏ متاثر جي وڌ کان وڌ امداد لاءِ فلڊ رليف ڪيمپن ۾ بحاليءَ جي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. پاڪ ??ضا??يه جي اهلڪارن پڻ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ ۽ طبي امداد جي فراهميءَ سان گڏوگڏ ٻين ضروري شين جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڏينهن مصروف آهن. پاڪ ??ضا??يه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن جي ازالي لاءِ پاڪ ??ضا??يه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن گذريل 24 ڪلاڪن ??ور??ن ضرورتمندن خاندانن ۾ 23120 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 2130 پاڻيءَ جون هوتلون ۽ 3343 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون شامل آهن.