آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سربراهي ا??لا?? ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو آهي. قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وزيراعظم نور سلطان بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ ع??لدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي ا??لا?? ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سربراهي ا??لا?? کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي ا??لا?? اربع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.