شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? شهباز شريف ”شرم الشيخ ڪلائيميٽ امپلي منٽيشن سمٽ“جي افت??اح?? تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ پهچي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ سومر تي وزيراعظ?? شهباز شريف ” شرم الشيخ ڪلائيميٽ امپلي منٽيشن سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ شرم الشيخ انٽرنيشنل ڪنونشن سينٽر پهتو ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي سيڪريٽري انتونيوگوتيرس ان جو استقبال ڪيو. وزيراعظ?? شهباز شريف مصر شرم الشيخ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. جتي هو سمٽ جي افت??اح?? تقريب ۾ شرڪت کان علاوه گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي سيڪريٽري انتونيوگوتيرس سان ملاقات ڪندو. جنهن کان پوءِ ٻئي اڳ??اڻ گڏيل پريس ٽيڪ آئوٽ ڏيندا. وزيراعظم هڪ اهم رائونڊ ٽيبل جنهن جو عنوان ”ارلي وارننگ فار آل ايگزيڪٽو پلانز لانچ“ آهي. ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ“ ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم جي مصر جي صدر ۽ ڪويت جي امير سان ملاقاتون به متوقع آهن.