اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ??اڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي خصوصي ??اڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده ق??نونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ??اڻهن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت واري عالمي اداري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ??اڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت آهي، خصوصي ??اڻهن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ ملازمتون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. خصوصي ??اڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو خصوصي ??اڻهن تي ٻڌل آهن، خصوصي ??اڻهن جي ايڏي وڏي آبادي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ خصوصي ??اڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده ق??نونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. صدر ملڪ ۾ سمورين تعليمي سهولتن کي خصوصي ??اڻهن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سڀني تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي خصوصي ??اڻهن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. ڊسمبر جو پورو مهينو خصوصي ??اڻهن جي مهيني طور ملهائڻ گهرجي. صدر چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا خ??وصي ??اڻهن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم هلائين.