اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڪي مجموعي معاشي صورتحال، معيشت ۽ ٻوڏ ??تاثرين جي بحالي سميت ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وزير صدر کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ م??ليات، معيشت ۽ ٻوڏ ??تاثرين جي بحالي بابت مختلف معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.