مونٽريال- 07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق مونٽريال ۾ حياتي??تي موضوع تي مذاڪري کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان جي بي قابو ۽ غير مساوي معاشي ترقيءَ جي بُک انس??ني?? کي ڌُٻڻ جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هن انهن وڏن ڪاروبار ادارن کي تنقيد جو نشانو بنايو جيڪي پنهنجي منافعي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، جن سان ڪائنات جو توازن بگڙي رهيو آهي. هن وقت جانورن جا 10 لک قسم ختم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن، هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين جو معيار خراب ٿيو آهي ۽ تيزيءَ سان زرخيزي وڃائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان نيچر کي هڪ ٽوائليٽ طور استعمال ڪري رهيا آهيون. ڪيميڪلز، پلاسٽڪ ۽ ف??ائي گدلاڻ انس??ني?? کي شديد خطرن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 7 کان 19 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا گڏ ٿيا آهن ۽ ماحولي??تي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ادا ڪري رهيا آهن. پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم ا??تونيو گوتريش 2017ع ۾ گڏيل قومن جو عهدو سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين موسمي??تي تبديليءَ جي ماحول جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندو رهيو آهي.