خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر ??لا??قن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي هڪ قومي خدمت آهي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ پير گڊو جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. وزيراعظم متاثر ??لا??قن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعا?? حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر ??لا??قن مان ٻوڏ واري پا??ي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر ??لا??قن مان ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، ا??افي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر ??لا??قن ۾ ڏينهن رات جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو.