اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستا?? ۽ ??ڏيل عرب امارات جي وچ ۾ خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي ٻوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي امداد تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪانفر??س آن ريزيليئنٽ پاڪستان بابت شيخ محمد بن زيد النهيان کي آگاهه ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ يو اي اي کي اعليٰ سطح جي شرڪت جي لاءِ درخواست ڪئي. شيخ محمد بن زيد النهيان ڪانفرنس جي بنيادي ايجنڊا جي حوالي سان گڏيل عرب امارات جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پاڪستا?? ۽ ??ڏيل عرب امارات جي وچ ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت ۾ مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.