اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ ٺ??س ڪچري (سالڊ ويسٽ) کي تلف ڪرڻ جو منصوبو فوري طور تي شروع ڪيو وڃي، ٺوس ڪچري کي تلف ڪرڻ جو ماڊل پنجاب ۾ موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??جب وزيراعظم چيو ته اسان ??اهور ۾ ٺ??س ڪچري جي تلفي جي لاءِ عالمي معيار جو منصوبو ٺاهيو. هن هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ ب?? ٺوس سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبي جي لاءِ انٽرنيشنل ٽينڊر جاري ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪرڻ کان ??ٺي لينڊ فل سائيٽ تائين منتقلي جي سمورن مرحلن کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي ۽ منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ ڪچري سان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوباسازي ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه سومر ڏينهن اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٺ??س ڪچري جي تلفي جي منصوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٺ??س ڪچري جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان جي لاءِ لينڊ فل سائيٽ جي چونڊ پڻ ڪئي وئي آهي. ان ??وقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪري لينڊ فل سائيٽ تائين پهچائڻ جا سمورا مرحلا آئوٽ سورس ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي عالمي معيار جون بهترين خدمتون فراهم ڪيون وڃن ۽ حڪومت جو خرچ به گهٽ کان گهٽ ٿئي. اجلاس کي ان حوالي سان ??ي??تا??ين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، ڪمشنر اسلام آباد، ڪمشنر راولپنڊي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.