اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي ٽئين ڏينهن مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي فوج جي ڇاپي، نمازين کي بي دخل ڪرڻ ۽ مس??مانن جي مقدس ترين جاين مان هڪ مسجد اقصيٰ جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو قابل مذمت آهي ته رمضان المبارڪ جي مقدس مه??ني ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران مسجد الاقصيٰ تي اهڙي طرح جا حملا تازن سالن ۾ هڪ معمول بڻجي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون ڪارروايون نه رڳو فلسط??ني عوام جي مذهبي آزا??ي جي بنيادي حق جي سنگين خلاف ورزي آهي پر سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مس??مانن جي مذهبي جذبن جي پڻ توهين آهي. ترجمان موجب فلسطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوج پاران طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال سمورن انساني ۽ ا??ساني حقن جي اصولن ۽ قانونن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني ڇاپا هڻي اسرائيل رمضان جي تقدس جو احترام ڪرڻ جي پنهنجي تازي و??عدي تان پٺتي هٽي ويو آهي. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري قدم کڻي جيڪي هن سال جي شروع کان خاص طور تي عروج تي آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسط??ني عوام ۽ فلسط??ني ڪاز جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت کي و??جائي ٿو، اسان گڏيل قومن ۽ ا?? آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پائيدار حل ۽ منصفاڻي بنيادن تي 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ فلسط??ني رياست جنهن جو گادي و??رو شهر القدس الشريف هجي، جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪريون ٿا.