اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بهتر ٿئي ها ته لاڏلي ٻهروپيي کي شيرواني پارائي و??يراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ?? پئسو بچي وڃي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي و??ير چيو ته اڪثريتي ججن جي رد ڪي?? ڪيس ۾ فيصلو غيرآئيني آهي، آئين تي اناءَ جو حاوي ٿي?? ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آهي، ناقابل عمل حڪم سان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت جي فيصلن سان ٽڪراءُ آهي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي غيرآئيني فيصلي سان ملڪ ۾ اڄ تائين آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته دير ٿي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سهولتڪاري قبول نه آهي.