اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪس??ان ڏيوالو نه ٿيندو، حڪومت ڊسمبر تائين سمورين پرڏيهي ادائيگين کي يقيني بڻايو آهي، گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي 24 هين وڏي معيشت کي 47 هين جي پوزيشن تي پهچايو ويو، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي ۽ معاشي اوسر جي سفر کي ٻيهر شروع ڪيون، ان لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي و??ريون پاليسيون جوڙيون ويون آهن، جامع ۽ پائيدار اقتصادي اوسر لاءِ پرعزم آهيون. اها ڳالهه هن نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن ۽ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ رٿيل اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ تحت پاڪس??ان جي اقتصادي چئلينجز جي موضوع تي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي و??ري و??ير چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي اقتصادي سلامتي سان جڙيل آهي، اقتصادي سلامتي قومي دفاع ۽ پائيدار اوسر لاءِ به اهميت رکندڙ آهي، ناڻي و??ري و??ير چيو ته پاڪس??ان اهم جاگرافيائي بيهڪ رکندڙ ملڪ آهي، پ??ڪستان پن??نجو ڌيان جيو پاليٽڪس کان جيو اڪنامڪس تي ڏئي رهيو آهي، پ??ڪس??ان هڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ان لاءِ اقتصادي سفارتڪاري کي اهميت ڏني پئي وڃي، اسان علائقائي رابطن کي ترقي ڏيڻ کي ضروري سمجهون ٿا ان مقصد لاءِ علائقائي امن ضروري آهي، پ??ڪس??ان امن جو خواهشمند آهي ۽ ايس سي او، سارڪ ۽ اي سي او سميت سمورن علائقائي ۽ عالمي پليٽ فارمز تي پن??نجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي و??ري و??ير چين پاڪس??ان اقتصادي راهداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هي عالمگير اقتصادي شراڪتداري جي حوالي سان اهم منصوبو آهي ۽ ان سان ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سماجي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي . ناڻي و??ري و??ير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ روس يوڪرين جنگ، چين آمريڪا واپاري تڪرارن، گهٽ شدت جي تڪرارن ۽ ڪووڊ کانپوءِ جي صورتحال سبب عالمي سطح تي معيشتن تي اثر پيا آهن، ان سان پاڪس??ان سميت پوري دنيا خاص ڪري اسرندڙ ملڪن ۾ قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ عوامي مشڪلاتون وڌيون آهن. هن ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ مفاهمت ۽ معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ ان کي خطي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. ناڻي و??ري و??ير چيو ته چين هن معاهدي ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي، ماضي ۾ اڳوڻي و??يراعظم نواز شيف ۽ اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف پڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جون ڪوششون ڪيون هيون، هن چيو ته اقتصادي، سماجي ماحولياتي پائيداريت لاءِ اقتصادي ترقي ۽ اوسر ضروري آهي، پ??ڪس??ان اقتصادي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا آهن. پاڪس??ان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي کان بري طرح ??تاثر ٿيا آهن، پ??ڪس??ان ان صورتحال جي روشني ۾ غذائي سلامتي لاءِ قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، زراعت، واٽر مينيجمينٽ ۽ وسيلن کي گڏ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. حڪومت جامع ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۽ اوسر کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن حڪومت کي و??ثي ۾ ملندڙ مشڪلاتن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته موجوده اتحادي حڪومت کي ڳرا مالياتي خسارا، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۽ ڳرا واپاري خسارا ورثي ۾ مليا آهن، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي کي ٽوڙيو جنهن سان ملڪي مسئلن ۾ اضافو ٿيو، اڳوڻي حڪومت 39.7 ارب ڊالرن جو واپاري خسارو ۽ 17.4 ارب ڊالرن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڇڏيو آهي، ان سان گڏ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ٿي، اڳوڻي حڪومت قرضن ۾ خاطر خواه اضافو ڪيو ۽ ان سان 45 ارب ڊالرن تائين پهچائي ڇڏيو، ناڻي و??ري و??ير چيو ته موجوده حڪومت اڳوڻي حڪومت طرفان ڇڏيل مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي هئي ته ان دوران تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي جنهن اسان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. جڏهن ته ناڻي و??ري و??ير چيو ته انهن مشڪلاتن باوجود حڪومت قومي معيشت ۽ عوامي فلاح۽ بهبود لاءِ پرعزم آهي، حڪومت پن??نجي سياسي اثاثي جي قيمت تي ملڪي ۽ رياستي مفادن ۾ مشڪل فيصلا ڪيا، ڇاڪاڻ ته رياست سياست کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، غير بجيٽي سبسڊيز جو خاتمو ڪيو ويو، توانائي جي شعبي ۾ سبسڊيز ختم ڪيون ويون، ناڻي ۽ مالي استحڪام تي ٻڌل پاليسيون متعارف ڪرايون ويون، اسان عوامي مشڪلاتن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ انهن مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ناڻي و??ري و??ير چيو ته موجوده حڪومت جي پاليسين سبب ايف بي آر جي روينيو ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۽ واپاري خساري ۾ نمايان گهٽتائي ٿي، مارچ ۾ پرائمري بيلنس فاضل ٿي ويو آهي، حڪومت جامع ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي سڌارن ۾ پرعزم آهي، ان سان گڏ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۾ اضافو، آمدني و??پار جي حوصلا شڪني، روانگي و??پار ۾ واڌ ۽ روينيو ۾ اضافو، ايس ايم ايز ۽ زراعت جي شعبي تي اسان جي توجهه آهي، زراعت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، زرعي اوزارن تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني و??ي آهي، 17 ارب روپين کان وڌيڪ جو آبادگار پيڪيج ڏنو ويو آهي، ان سبب هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نمايان وڌا ٿي آهي. حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آساني لاءِ جامع قدم کنيا ويا آهن، سيڙپڪاري لاءِ قانون ۽ پاليسيون متعارف ڪرايون ويون آهن، روانگي و??پار جي صنعتن لاءِ رياعتي ڏنيون ويون ۽ کين چٽاڀيٽي و??ري قيمت تي توانائي فراهم ڪئي پئي وڃي، حڪومت سرڪاري ڪاروباري ادارن کي لاڀائتو بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ حڪومت معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ 400 ارب روپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ خصوصي اقتصادي زونز تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جون 2018ع جون پاليسيون جاري هجن ها ته ملڪي معيشت نمايان ترقي ڪري ها. گذريل چئن سالن ۾ دنيا جي 24هين وڏي معيشت کي 47 هين نمبر تي پهچاي ويو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي ۽ معاشي اوسر جو سفر ٻيهر شروع ٿئي، ان لاءِ مختصر، وچولي، ڊگهي مدي و??رون پاليسيون جوڙيون ويون آهن، هن چيو ته اسان پن??نجي قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿا ڪري سگهون، اسان ماضي ۾ هڪ طرف دفاعي بجيٽ کي 500 ارب کان وڌائي 1100 ارب روپين تي پهچايو هو ان سان گڏوگڏ پي ايس ڊي پي ۾ پڻ نمايان اضافو ڪيو هو، پ??ڪس??ان ايٽمي ۽ ميزائيل قوت آهي ۽ هي ڊيٽرنس ضروري هو.