اسلام آباد – 12 – ??ون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان مسلمان ملڪن کي مختلف شعبن ۾ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن وقت اوپن سورس علم جي ڪثرت موجود آهي جنهن مان مسلمان ملڪن کي مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سائنسي ۽ ??يڪ??يڪي تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سائينٽفڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامسٽيڪ جو ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر ايم اقبال چوڌري وفد جي قيادت ڪري رهيو هو. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته سائنس ۽ ??يڪ??الاجي جي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي جي ڪري دنيا تيزي سان تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ اسلامي ملڪن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته علم جي دستيابي ۽ جمهوريت وڌيڪ موقعا فراهم ڪ??ا آهن جنهن مان مسلمان ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. صدر مصنوعي ذهانت جهڙي اڀرندڙ ??يڪ??الاجيز مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ ??عليم، سائنس ۽ ??يڪ??الاجي جي شعبن ۾ مسلمان ملڪن کي درپيش مسئلن جا حل ڳولڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ڪامسٽيڪ جي سائنسي مشاورتي طريقيڪار سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وفد صد?? کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ??يڪ??الاجي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ تعليم، سائنس، ??يڪ??الاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ چئلينجز ۽ موقعن تي روشني وڌي ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون. صدر شرڪت ڪندڙن پاران پيش ڪيل خيالن سان گڏوگڏ ڪامسٽيڪ پاران ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.