پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني?? جي وط?? جي ترقي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پاڪستان کي ??يو??لپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، پاڪستا?? جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وطن جا سفير ۽ قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني?? جي وط?? جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان کي ??يو??لپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پهتا آهيون، گذريل چار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پاڪستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل محنت سان پرڏيهي لاڳاپا بحال ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ريوائيول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي، پاڪستا?? جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني 9 مئي جي واقع?? جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانس ۾ رهندڙ پاڪستانين وزيراعظم کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.