اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي، ??ياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آ??ي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد ع??لمي معيشت ۾ وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، ??ن جي فروغ جي ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ معاشي خوشحالي، ??من ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن ??ي ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تنظيم جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيو ??نهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قزاقستان کي تنظيم جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه ايس سي او اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو ??هي جڏهن دنيا ??ي معاشي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ??ه شنگهائي تعاون تنظيم کي امن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ??ه ڪنيڪٽيويٽي جديد ع??لمي معيشت ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن سي پيڪ ??ي معاشي خوشحالي، ??من ۽ استحڪام جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ??ه اهو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چيو ??ه پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ??ه سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گڏ ڳنڍيل هوندا. هن چيو ??ه پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي او اجلاس جي ميزباني ڪندو۔ وزيراعظم زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي دهشتگردي جي خلاف پوري عزم سان گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آ??ي. هن چيو ??ه دهشتگردي جي معاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جو ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سياسي ايجنڊا تحت مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه دهشتگردي انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ??ه پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ??ه خطي ۾ پائيدار امن، تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌي. هن چيو ??ه پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي. هن چيو ??ه ايس سي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آ??ي. هن ماحولياتي تبديلي کي اهم مسئلو قرار ڏيندي چيو ??ه عالمي برادري ??ي ماحولياتي تبديلي جي اثرن ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ??ه پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان گذريل سال ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن ??ي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عالمي مسئلو قرار ڏيندي چيو ??ه غربت جي خاتمي لاءِ به عالمي برادري کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آ??ي.