اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊي سان ملاقات دوران پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آه?? ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آه??، مون کي ياد آه?? ته ڪهڙي طرح سريلنڪا جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ڊي??گي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ان وقت ان وبا سان لاهور ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آه??، پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ??ي لاءِ آئون سريلنڪن صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??ان.