اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ ف??ج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير معدنياتي منصوبن کي عوام جي ترقيءَ جو رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته اها اسان جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردا?? ادا ڪريون. اسان جي ملڪ ۾ موجود کاڻين جا وسيع موقعا آهن جيڪي گڏيل ڪاوشن سان عمل ۾ آندا ويندا. اهڙو اظهار هن پاڪستان منرل سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف چيو ته حڪومتِ پاڪستان سڀني ادارن سان گڏجي ايس آءِ ايف سي جي قيام کي يقيني بنايو، تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽي ٽيشن ڪائونسل جو قيام سڀني شراڪتدارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ٿو. هن چيو ته ٿورو پنهنجي ملڪ تي نظر وِجهون، برف سان ڍڪيل جبلن کان ريگستان تائين، سامونڊي پٽيءَ کان ميداني علائقن تائين ان سرزمين ۾ ڇا ڪجهه ناهي، امن ۽ خوشحاليءَ جي رستي تي گامزن رهڻ ئي استقامت ۾ آهي. سورة رحمان ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين رحمتن کي جٽلائيندا، جيڪڏهن اسان جو هي گڏيل عزم رهيو ته پوءِ آسمان جون بلنديون اسان جي حد ۽ ان جون وسعتون اسان جون منتظر آهن. آرمي چيف قرآن پاڪ جو حوالو ڏئي واضح ڪيو ته الله تعاليٰ انهن جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي پاڻ مدد ڪندا آهن. آرمي چيف بريڪ گولڊ جي سي اي او ۽ پريزيڊنٽ مارڪ بريسٽو ۽ سعودي مائينگ منسٽر انجنيئر خالد بن صالح المديفر ۽ ٻين سيڙ??ڪا??ن جو شڪريو ادا ڪيو. آرمي چيف چيو ته اها اسان جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردا?? ادا ڪريون، اسان کي ڪڏهن ب?? اميد جو ساٿ نه ڇڏڻ گهرجي. اسان جي سرزمين ڪيتري ئي معدنيات سان ڀريل آهي ۽ ان صلاحيت کي مڪمل طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ لاءِ اسان پرڏيهي سيڙ??ڪا??ن کي دعوت ڏيون ٿا ته پاڪستان ۾ لڪيل خزانن جي دريافت ۾ پنهنجو ڪردا?? ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين منرل سمٽ پاڪستان ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙ??ڪا??ن لاءِ آسان ڪاروبار جا نوان اصول واضح ڪري ٿي. اسان اهڙي سيڙ??ڪا?? دوست نظام کي يقيني بنائنينداسين جنهن ۾ آسا?? شرطن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي. آرمي چيف اميد جي دامن کي پڪڙي رکڻ ۽ الله تعاليٰ تي يقين ۽ ايمان رکڻ تي زور ڀريو ۽ قرآن پاڪ جي سورة بقره جي آيت 155 ۽ 156 جي تلاوت ڪئي جنهن جو ترجمو آهي: ۽ اسان ضرور توهان کي خوف ۽ بک ۽ جان ۽ مال جي ثمرن سان آزمائينداسين. ان تي جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته چون ٿا؛ بي شڪ اسان الله تعاليٰ طرفان آهيون ۽ اسان کي ان جي ئي طرف واپس وڃڻو آهي.