اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 16 مهينن ۾ تاريخ جا غيرمتوقع وڏا چئلينجز درپيش هئا، اسان جي قدمن سان ملڪ ڊيفالٽ جي خطرن کان بچي ويو، اڄ پاڪستان اپريل 2022ع کان بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ مون پنهنجي ڪابينا جي ساٿين جي تعاون ۽ حمايت تي انهن جا ٿورا مڃيا. گذريل 16 مهينا وڏن چئلينجن جو دور هو، جيڪو اسان جي تاريخ ۾ غيرمتوقع هو. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي قوتن جو هڪ قومي ايجنڊا جي ل??ءِ گڏ ٿيڻ اسان جي جمهوري نظام جي ارتقا جي نمائندگي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته شديد ترين ٻوڏ کان وٺي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي سفارتي ل??ڳاپن جي نئين سر تعمير کان وٺي گورننس جي چئلينجز کي ٺيڪ ڪرڻ جي ل??ءِ بحرانن جي ڪثرت جي سنگيني کي ڏسندي اسان گڏيل حڪمت عملي ??و استعمال ڪيو. هن چيو ته الحمدالله آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان اپريل 2022ع جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. اسان جي ڊگهي مدي وارا چئلينجز اڃا به آهن پر اڳتي ??ڌڻ جي رستي جي واضح طور تي ??شاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان رخ ۾ قدم شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون ڪ??بينا جي هر ساٿي جو ٿورائتو آهيان ته انهن جي مشوري ۽ تعاون سان جن ذاتي طور تي ??لڪ جي بهترين خدمت ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، آئون انهن جي ل??ءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪريان ٿو.