اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته نگر??ن حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته آئين تحت نگر??ن حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ ??هي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگر??ن حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، اس??ن حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگهون، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. قومي اسيمبلي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چ??ي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسيمبلي جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل شروع ٿي چ??و آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو.