اسلام آباد – 25 – ??گسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته اسان جو بنيادي مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن جي مقرر تاريخ تي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آه??، اسان هڪ ذميوار آئيني نگران حڪومت آه??ون، اسان ڪنهن اهم آئيني عهدي جي خلاف چڙهائي نه ٿا ڪري سگهون، نه ان جو حصو بڻجي سگهون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين، گذريل حڪومت سياسي اتحاد ٺاهي هئي، ان دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي وضاحت انهن کي پاڻ ڪرڻ گهرجي، اسان جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آه??. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته بجلي، گئس ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جو پتو آه??، گذريل ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي ڪري معاشي مشڪلاتون پيدا ٿيون. هن چيو ته ايندڙ هفتي اسان معاشي بحالي جو منصوبو ڏيڻ وڃي رهيا آه??ون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وفاقي ڪابينا ۾ شامل سموريون شخصيتون پنهنجي پنهنجي شعبن جون ماهر آه??، اسان جي ڪوشش هوندي ته جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون، اسان کي ڪفايت شعاري سميت اهم قدم کڻڻا پوندا جنهن سان معيشت بحال ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته اهو اسان جو ڪم نه آه?? ته ڪنهن جي حق يا مخالفت ۾ عدالتي معاملن ۾ مداخلت ڪريون، ڊڄڻ انهن ماڻهن کي گهرجي جيڪي قانون ۽ آئين جي خلاف ڪم ڪن ٿا، اسان آئين ۽ قانون جو احت??ام ڪريون ٿا. 9 مئي سانحي جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي اهڙو عمل ناهي ڪيو جيڪو 9 مئي تي ٿيو، 9 مئي سانحي سان جمهوريت مضبوط نه ڪمزور ٿي آه??، 9 مئي سانحي تي فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آه?? جنهن جو اسان کي احترام آه??، انصاف ئي اسان جو ڇوٽڪارو آه??، انتقام اسان جو ڇوٽڪارو نه آه??. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي پاڪستاني شهرين جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي حوالي سان بيان بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.