اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ليبيا جي اتر اوڀر حصي ۾ شديد ٻوڏ سا?? ٿيندڙ تباهي تي ليبيا جي عوام ۽ حڪومت س??ن دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سان انساني جانين جي زيان ۽ زندهه بچي ويندڙن کي پ??چندڙ تڪليفون انتهائي افسوسناڪ آهن ۽ اسان هن مشڪل وقت ۾ ليبيا جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون. بيان موجب ليبيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪميونٽي جي ممڪن مدد جي لاءِ مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي.