اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل سالم حمد عقيل النابت کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان هڪ خصوصي تق??يب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. تق??يب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ قومي تراني سان ٿي. تق??يب ۾ پاڪستان ۽ قطر جي هٿياربند فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ سينيئر عمل??ار?? شرڪت ڪئي.