اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي، پاڪستان گڏيل قومن ??ي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن ??ل جي لاءِ پرعزم آهي، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ه?? سنگين خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگر??ن وزيراعظم او آءِ سي جي ??فد جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ او آءِ سي جي مسلسل ڪوششن کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن ??ي ڏس ۾ ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام کي او آءِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آهن. نگر??ن وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جي پاڙ آهي، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن ??ل جي لاءِ پرعزم آهي. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪندي نگر??ن وزيراعظم چيو ته ڪشميرين حمايت جي لاءِ سدائين او آءِ سي ۽ مسلمان امت طرف ڏٺو آهي. نگر??ن وزيراعظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ه?? سنگين خطرو آهي، انهن قوتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. يوسف ايم الدوبي نگر??ن وزيراعظم کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته او آءِ سي ڪشمير ڪاز جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت س??ن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو انهي عزم جو اظهار ڪيو.