اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشف چيو آه?? ته ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آه?? ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آه??، پا??ست??ن هميشه علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آه??. اسپيڪر ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پا??ست??ن جو ڪشميري عوام سان علائقائي ۽ـ عالمي فورمز تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پُختي عزم کي دُهرايو. اهڙو اظهار هن يومِ سياهه ڪشمير جي موقعي تي جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد تازا ڪندو آه?? جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي انسانيت سوز ظلم ڪيا جنهن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو وڃي پيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميري نوجوانن جو هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان بڻائي رکيو آه??. هن چيو ته ڀارت جي ان ظلم ذريعي والاريل ڪشمير ۾ سَوين عورتن ج?? عصمت زري ۽ ڪشميري نوجوانن کي بيلٽ گنن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آه??. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي و??لا??ل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آه??. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏو اوپن جيل بڻايو ويو آه??. اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ ڪشميري عوام جي بي مثال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميري عوام لازوال قربانيون پيش ڪيون آه?? جن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت ڪشمير تحريڪ جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ـ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد جي تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهي ثابت ٿي رهيا آه?? ۽ـ انهن جا جنگي عزم سڄي دنيا آڏو ظاهر ٿي چڪا آه??. هن چيو ته فلسطين ۽ـ ڪشمير مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ سنگين انساني حقن جي پائمالين جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي اخلاقي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ ۽ ان تڪرار کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريندا رهنداسين.