اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طار?? محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بني??دن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻ??يو ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف ??رنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت آر آءِ يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طار?? محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪارڊ ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻ??ئڻ جي درخواست ڪئي ۽ اخبارن جي مالڪن پاران ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ريجنل اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طار?? محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل اخبارن جا مسئلا ترجيحي بني??دن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻ??يو ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف ملڪ، عمران مقصود ۽ مظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.