اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشري جي ت??قي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي استاد نثار احمد سان ڳالهائيندي ڪيو. نگر??ن وزيراعظم سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي نگر??ن وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به معاشري جي ت??قي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش هوندو آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ جي نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ نظم ۽ ض??ط جي تربيت انهن جي ڪرداسازي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي، قائداعظم به ايمان ۽ اتحاد سان گڏوگڏ نظم ۽ ض??ط جي تلقين ڪئي هئي ڇو ته رڳو هڪ منظم قوم ئي پنهنجي ۽ دنيا جي ت??قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.