اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال لاز??ي آهي، اسمگلنگ جي ڪنٽرول جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن پر ان حوال?? سان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو، ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي حوال?? سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃ?? ۽ ??ن حوال?? سان هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جون تجويزون به شامل ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو سان لاڳاپيل اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي ??يڪس نيٽ وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس سسٽم کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوال?? سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ري اسٽرڪچرنگ جي حوال?? سان مختلف تجويزون غور هيٺ آيون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته اوڳاڙين جي وصولي ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ??ي. هن چيو ته ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال لاز??ي آهي، اسمگلنگ جي ڪنٽرول جي لاءِ گذريل ڏينهن ڪافي اهم قدم کنيا ويا آهن پر ان حوال?? سان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي حوال?? سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي وڃ?? ۽ ??ن حوال?? سان هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جون تجويزون به شامل ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.