اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر ??حمد معيزو جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مال??يپ پهچي ويو. ڊاڪٽر ??عيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مال??يپ اچڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو مالديپ جي نامزد پرڏيهي وزير ??وسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري فرزانه ظاهر، مالديپ جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان هاءِ ڪمشنر ??ائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مال??يپ ٻه مسلمان ڀائر ??لڪ آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار ??اڳاپا قائم آهن. مالديپ جي صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير ??نهنجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.