اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) عالمي ده??تگردي ۽ ٻين سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ روس جي گڏيل ورڪنگ گروپ جو ڏهون اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون) سفير سيد حيدر شاهه پ??ڪستان جي ملٽي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي جڏهن ته روسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير سرگئي ورسينين ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين علائقائي ۽ عالمي سطح تي ده??تگردي جي خطري با??ت پنهنجي جائزي جي حصيداري ڪنديون. هن چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان روس ده??تگردي خاتمي واري واري تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو.